نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سعود?? عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان کي سعود?? عرب جي 92 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعود?? عرب جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن سعود?? عرب جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون. وزيراعظم شه??از شريف سعودي ولي عهد کي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي صورتحال ۽ امداد ۽ بحالي جي جاري ڪوششن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ”ڪنگ سلمان هيومنيٽيرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر“ پاران ٻوڏ وارن علائقن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ امداد ۽ امدادي سامان جي پهچ لاءِ ”فضائي پل“ جي قيام ۽ پاڪستاني ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ عوام کان عطيي جي وصولي لاءِ سعود?? عرب ۾ ”ساهم“ پورٽل شروع ڪرڻ تي خ??دم الحرمين الشريفين جا ٿورا مڃيا. سعودي ولي عهد پاڪستان ۾ تيز چومالسي جي برساتن ۽ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري عوام جي قيمتي جانين جي زيان ۽ روزگار جي ذريعن ۽ ملڪيتن جي نقصان تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ سعود?? عرب جي مسلسل مدد ۽ حمايت کي ساراهيو ۽ ولي عهد کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ وسيع تر سيڙپڪاري ۽ حصيداري سان عبارت مضبوط حصيداري سميت جاري قدمن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais