اسلام آباد – 08 –; سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ متاثرين جي امدادي شين تي ٽ??ڪس ڇوٽ ڏيڻ بابت ڪابينا جي فيصلي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. جاري ڪيل بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪابينا 30 آگسٽ 2022ع تي ٽ??ڪس ڇوٽ جي منظوري ڏني هئي، ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ مهارين، ٻيڙين سميت سمورين امدادي شين کي ٽ??ڪس کان ڇوٽ حاصل آهي. هن چيو ته ڪابينا جي 30 آگسٽ 2022ع تي ٽ??ڪسن کان ڇوٽ جي منظوري تي فوري عمل ٿيو هو، ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر عملدرآمد جو ايس آر او پڻ جاري ڪري ڇڏيو هو. ضابطي تحت فلاحي ۽ سرندي وارن ڪم ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ