اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪ??ال??ه جي دوري ۾ ڪ??ال??ه يونيورسٽي سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم عمران خان ڪ??ال??ه، ضلعو ٽوبه ٽيڪ سنگهه جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. ڪ??ال??ه ۾ وزيراعظم راوي درياءَ تي پل جي تعمير جو افتتاح ڪيو. فتيانه پل ڪ??ال??ه ۾ روانگي واپار ۽ زرعي جنسن جي ملز تائين پهچ جي مسئلن جو خاتمو آڻيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم ڪ??ال??ه يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر کڻ رکيو. 2.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڪ??ال??ه يونيورسٽي جي تعم??ر ٻن مرحلن ۾ ٿيندي. 45 ايڪڙ تي ٻڌل ڪ??ال??ه يونيورسٽي علائقي جي نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪندي. يونيورسٽي جي تعمير سان علائقي جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو اهم ?? موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
وزيراعظم عمران خان ڪماليه جي دوري ۾ ڪماليه يونيورسٽي سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے