اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستا?? جي صدر گربانگولي بردي محمدوف ۽ نئين چونڊيل صدر سردار بردي محمدوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ٻنهي اڳواڻن سان مختلف ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستا?? جي صدر گربانگولي بردي محدوف کي 12 مارچ 2022ع تي صدارتي چونڊون ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ ۽ سندس پٽ سردار بردي محمدوف جي فتح تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ت?? اها شاندار فتح ترڪمانستا?? جي عوام جي موجوده قيادت جي ويزن تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. هن نومبر 2021ع ۾ 15 هين ا?? سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي ترڪمان هم منصب سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏنو. صدر رابطا وڌائڻ، سياحت ۾ اضافي ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17هين غيرمعمولي اجلاس ۾ ترڪمانستا?? جي شرڪت کي ساراهيو. هن ترڪمانستا?? جي صدر گربانگولي بردي محدوف کي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 30 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني. نئين چونڊيل صدر سردار بردي محمدوف سان ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس ترڪمانستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ا??يد جو اظهار ڪيو ته هو ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندو. هن تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي لاءِ پاڪستا?? جي تعاون کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪ?? جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي ۽ اقتصادي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر 22 – 23 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ايندڙ 40 هين اجلاس ۾ شرڪت تي ترڪمانستان جا ٿورا مڃيا. صدر خطي خاص طور تي افغانستان ۾ ام?? جي فروغ سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ترڪمانستان جي صدر گربانگولي بردي محمدوف ۽ نئين چونڊيل صدر سردار بردي محمدوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب