اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽنگ جي حقن جي فراهمي، پاور آف اٽارني ۽ جانشيني جا سرٽيفڪيٽس جو آن لائين جاري ڪرڻ جهڙا قدم انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ سهولت لاءِ ڏور رس نتيجن وارا هوندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار روشن ڊجيٽل اڪائونٽس بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب آفريدي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ اسان انهن جي سهولت کي يقيني بڻائڻ لاءِ تاريخ ساز قدم کڻي رهيا آهيون، هن چ??و ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽنگ جي حقن جي فراهمي، انهن جي پاور آف اٽارني ۽ جانشيني جي سرٽيفڪيٽس جو آن لائن جاري ڪرڻ جهڙا حڪومتي قدمن انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ سهولت جي لاءِ ڏور رس نتيجا وارا هوندا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۾ پنهنجي رقم پاڪستان موڪلڻ جي لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) جي شاندار ڪاميابي تي ت??صي?? کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو مٽاسٽا جو ناڻو آر ڊي اي جي ذريعي م??ي چڪو آهي، وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) کي هدايت ڪئي ته هو ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آر ڊي اي جي ذريعي پنهنجي رقم پاڪستان موڪلڻ جي لاءِ آن لائين ريئل ٽائيم بنيادن تي سهولت فراهم ڪري، هن لاڳاپيل عملدارن کي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آر ڊي اي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ مو??ر مارڪيٽنگ مهم هلائڻ جي به هدايت ڪئي.