اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مقامي ??ڪو??ت کي جمهوريت جو بنيادي ڍانچو قرار ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي فوري انعقاد جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ بلدياتي معاملن بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجل??س ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، فواد چوڌري، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار، غلام سرور خان، چوڌري طارق بشير چيما، مونس الاهي، ??نجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ ذريعي اجل??س ۾ شرڪت ڪئي. پنجاب ??ڪو??ت وزيراعظم کي صوبي ۾ نئين لوڪل گورنمينٽ ماڊل تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقامي ??ڪو??ت جمهوريت جو بنيادي ڍانچو آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته مضبوط بلدياتي نظام کانسواءِ جمهوريت ??ام??مل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي بلدياتي نمائندن جي سڌوسنئون چونڊن کي يقيني بڻائين ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون فوري طور تي ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻن.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ بلدياتي معاملن بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ