اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ سان سرڪاري زمين ۽ ٻيلن تي قبضي جي روڪٿام ٿيندي، قبضا گروپن کي اها ئي ٽيڪنالاجي شڪست ڏئي سگهي ٿي، ڊيجيٽلائيزيشن سان ماڻهن کي تحفظ ملندو، شفافيت سان انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون، جائي??اد?? تي ناجائز قبضي سان سڀ کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني متاثر ٿين ٿا، لينڊ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن سان هر ڪو پنهنجي ملڪيت جو رڪارڊ ڏسي سگهندو ۽ آن لائين ٽرانسفر ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم عمران خان اسلام آباد لينڊ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڪيڊسٽريل ميپنگ جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي ويزن موجب زميني نظام کي جديد ڊيجيٽل آن لائين نظام ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيڊسٽريل ميپنگ جي منصوبي تحت سروي آف پاڪستان جيوگرافڪ انفارميشن سسٽم (جي آءِ ايس) جو استعمال ڪندي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي جديد ترين ڊيجيٽل نقشه سازي جو عمل مڪمل ڪيو آه??. سروي آف پاڪستان کي ڪيڊسٽريل ميپنگ جو ڪم ڏنو ويو جنهن جو بنيادي مقصد نقشه سازي ۽ مساحت جي موجوده نظام کي جديد ۽ ڊيجيٽل فارميٽ ۾ تبديل ڪرڻ آه??. ان منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 3 وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي روينيو رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ملڪ جي سرڪاري زمين جي ڊيجيٽل ڊيٽا تيار ڪرڻ شامل آه??، ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل جو مقصد پٽوار جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ، انساني عمل دخل کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۽ زمين رڪارڊ جي پوري نظام کي شفاف بڻائڻ آه??. پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين جنرل رٽائرڊ انور علي حيدر ان قدم جي تفصيل بابت شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ان قدم سان منصوبابندي بهتر انداز ۾ ٿي سگهندي ۽ سرڪاري زمين تي قبضو نه ڪري سگهبو، هر شهري جي پنهنجي جائيداد تائين پهچ هو??دي، پهريون ڀيرو لينڊ رڪارد کي سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو پيو وڃي، ان قدم سان رڪارڊ جي تبديلي ناممڪن ٿيندي. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته سي ڊي اي چيئرمين ۽ سروي آف پاڪستان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا جن ان منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪيو، ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان خوف هو ته اهو مڪمل نه ٿيندو ڇو ته جن ماڻهن جا مفاد پراڻي سسٽم سان ڳنڍيل هئا اهي ان مان سڀ کان وڌيڪ فائدو کڻندا هئا جڏه?? ته قبضا گروپ پڻ نه چاهيندا هئا ته اهڙي قسم جو قدم حڪومت کڻي، اسان ان قدم جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کان چڱي ريت آگاهه آه??ون. وزيراعظم چيو ته رڳو اسلام آباد ۾ 300 ارب رپيا ماليت جي زمين تي يا ته قبضو هو يا اها استعمال ۾ نه آندي وئي، ٻيلي کاتي جي هڪ هزار ايڪڙ زمين تي قبضو هو. هن چيو ته ڪمپيوٽرائيزڊ نظام سان شفافيت ايندي، شفافيت نه هجڻ جي ڪري ماڻهن پئسو ٺاهيو ۽ اهي طاقتور ٿي ويا جڏه?? ته ڪمزور ماڻهن تي ظلم ٿئي ٿو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آه??، اهي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿي سگهن ٿا پر ان جي لاءِ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول بڻائڻ ضروري آه??، ان جو هڪ وڏو سبب قانون جي حڪمراني نه هجڻ آه?? جتي قانون جي بالادستي هو??دي آه?? اتي سيڙپڪاري به ٿيندي آه?? ۽ جتي انصاف هو??دو آه?? اتي خوشحالي ايندي آه??. هن چيو ته هي منصوبو هڪ وڏو قدم آه?? ان سان اوورسيز پاڪستانين جو اعتماد به وڌندو، انهن جو وڏو مسئلو جائي??اد?? تي ناجائز قبضو آه??. وزيراعظم چيو ته ملڪ م عدالتن ۾ 50 سيڪڙو ڪيس ملڪيتن تي قبضن جا آه??، پراڻي لٺا سسٽم ۾ تبديلي آسان آه??. وزيراعظم چيو ته آن لائين سسٽم سان هاڻي پلاٽ جي ملڪيت ڏسڻ آسان هو??دي، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ اهو منصوبو نومبر تائين مڪمل ٿيندو جڏه?? ته ان جي 6 مهينن کانپوءِ پوري پاڪستان ۾ اهو سسٽم لاڳو هو??دو، ان سان عام ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. وزيراعظم چيو ته شهرن ۾ زمين جون قيمتون تيزي سان وڌيون آه??، قبضا گروپ کي جيڪڏهن ڪا شيءَ شڪست ڏئي سگهي ٿي ته اها هي ٽيڪنالاجي آه??. وزيراعظم چيو ته عالمي حدت سان پاڪستان ۾ موسم جي تبديلي جو سخت خطرو آه?? جڏه?? ته آلودگي سان دريائي پاڻي به آلوده ٿي رهيو آه??، اسان وڻ وڍي تباهي ڪئي، گذريل ٽن سالن کان حڪومت ٻيلا هڻي رهي آه??، ان منصوبي سان ان ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته سرينگر هاءِ وي تي ٻيلا 45 ايڪڙ مان 113 ايڪڙ تائين وڌي ويا آه??. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت اربين رپين جي سرڪاري زمين ۽ ٻيلا قبضو ڪندڙن کان ڇڏرايا آه??، ڪيڊسٽريل ميپنگ سان ان جي نگراني ٿي سگهندي. هن چيو ته ان منصوبي سان وڌيڪ خوشي ان لاءِ آه?? ته اهو عام پاڪستانين جي لاءِ آه??، ان سان ماڻهن کي تحفظ ملندو، ان جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون ۽ ان سان شفافيت ايندي، لينڊ رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ نه ڪرن سان طاقتور ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو، منصوبي سان ملڪيتن تي ناجائز قبضن جو خاتمو ٿيندو، ملڪ ۾ وڻڪاري مهم ۽ ٻيلن جي واڍي جي روڪٿام ۾ ڪيڊسٽريل ميپنگ سان مدد ملندي.
لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ سان سرڪاري زمين ۽ ٻيلن تي قبضي جي روڪٿام ٿيندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ