اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي و??ير??عظم عمران خان تي اعتماد جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مجموعي طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي 178 ميمبرن و??ير??عظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 7 جي گهرج کي پورو ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو. و??ير??عظم عمران خان 2018ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ته ان وقت قومي اسيمبلي جي 176 ميمبرن اعتماد جو ووٽ ڏنو هو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (7) جي متفضيات موجب اسلامي جمهوريه پاڪستان جي و??ير??عظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو. اسپيڪر ايوان ۾ ووٽن جو طريقي??ار ٻڌائيندي چيو ته ووٽ??گ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄايون وينديون. سمورا داخلي دروازا بند ڪيا ويندا. ووٽ??گ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪو به دروازو نه کلندو ۽ ڪير به اندر نه اچي سگهندو نه ٻاهر وڃي سگهندو. ميمبرن جو نالو سڏ ڪرڻ تي هر ميمبر ان جي ساڄي پا??ي لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائيندو. ان کانپوءِ اسپيڪر اعتماد جي ووٽ جي لاءِ عمل شروع ڪيو ۽ ايوان ۾ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ جو حڪم ڏنو. 5 منٽن کانپوءِ اسپيڪر سمورا داخلي دروازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسپيڪر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران پيش ڪيل قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. سمورن ميمبرن قرارداد جي ڊيسڪ وڄائي ڀرپور انداز ۾ آجيان ڪئي. ان دوران مخالف ڌر پاران رڳو هڪ ميمبر محسن داوڙ ايوان ۾ موجود رهيو. اسپيڪر چيو ته جيڪي ميمبر اعتماد جو ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا اهي انهن جي ساڄي پاسي واري لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائين. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرن هڪ ٻئي پٺيان لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. و??ير??عظم عمران خان به سمورن ميمبرن سان گڏ لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. ووٽ??گ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ميمبر ايوان ۾ واپس آيا جنهن کانپوءِ اسپيڪر قرارداد جي حق ۾ وڌل ووٽن جي ا??گ جو اعلان ڪيو. هن ايوان کي ٻڌايو ته و??ير??عظم جي حق ۾ اعتماد جي قرارداد منظور ٿي وئي آهي. اسپيڪر چيو ته ان کان اڳ آگسٽ 2018ع ۾ عمران خان 176 ووٽ کڻي و??ير??عظم چونڊيو هو جڏهن ته هاڻي هن اڍائي سالن کانپوءِ 178 ووٽ حاصل ڪيا.
قومي اسيمبلي پاران وزيراعظم تي اعتماد جي قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب