پنڊ دادن خان – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان جهلم جي علائقي پنڊ دادن خان ۾ نندانه قلعي کي قومي تاريخي ورثي ۾ شامل ڪندي هيريٽيج ٽريل جو افتتاح ڪيو. هيريٽيج ٽريل کي جي ريڊيس جو نالو ڏنو و??و آهي ان ۾ ڪٽاس راج مندر، ملوٽ قلع??، کيوڙه ۾ لوڻ جون کاڻيون ۽ تخت بابري شامل آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته انهن علائقن جي ترقي سان مقامي آبادي کي معاشي فائدو ٿيندو. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته نندانه قلعي واري جڳهه کي ناليواري سائنسدان ابو ريحان البيروني سان ڳنڍيو وڃي ٿو. هي اها ئي جڳهه آهي جتي هن قيام ڪيو ۽ زمين جي پيمائش جي لاءِ تجربا ڪيا. مقامي ماڻهن سان ڳالهائيندي وزيراعظ?? عمران خان چيو ته پنهنجي تاريخي جاين ۽ قيمتي ورثي جي حفاظت جو مقصد ايندڙ نسلن کي انهن کان روشناس ڪرائڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس