اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عراق جي دفاع و??ري ??زي?? جمعه اناد سعدون جي قيادت ۾ دفاعي وفد ملاقات ڪئي آه??. م??اقات ۾ گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي صدر چيو ??ه پاڪستان عراق سان پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان، واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چا??ي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه پاڪستان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. ايوان صدر مان ج??ري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي دفاعي تربيتي ادارن ۾ عراقي فوجي اهلڪارن جي لاءِ تربيتي ڪورسز جي آڇ ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان پاران ٽيڪنيڪي امداد ۽ انساني وسيلن جي مدد سان عراق ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ مدد جي به آڇ ڪئي وئي.
صدر سان عراق جي دفاع واري وزير جي قيادت ۾ دفاعي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل