اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور عوام جي عملي خدمت ڪرڻ آهي، سرڪاري ادارن کي هر صورت عوام جي خدمت جو پابند بڻايو وڃي، گورننس سسٽم جي بهتري عوام ۽ سرڪاري ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطن سان مشروط آهي، وزيراعظم آفيس پا??ان جاري ??يا?? موجب سرڪاري ادارن، کاتن تائين ڪمزور طبقي جي پهچ وڌ??ڪ آسان بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، پاڪستان سٽيزن پورٽل شهرين جي حصيداري گورننس جي فروغ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي مسئلي جي حل لاءِ سرڪاري ادارا موثر خدمتون فراهم ڪري سگهن، وزيراعظم جي هدايت تي ملڪ جو سڀ کان وڏو شڪايتن جو نظام مڪمل فعال ٿي ويو آهي، سڀني صوبن ۾ سٽيزن پورٽل تي آفيسرن جا 8 هزار 864 ڊيش بورڊز کي ذميداري سونپي وئي آ??ي، جيڪو وزيراعظم عم??ان جو ڪمزور ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس سڄي ملڪ جي 8 هزار 884 کان وڌ??ڪ سرڪاري آفيسن، سڀني وفاقي سيڪريٽريز، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تحت سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي ڊيش بورڊ کان ڪمزور طبقي جون شڪايتون داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ خاص طور بزرگ شهرين، بيواهه عورتن، معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور عوام جي عملي خدمت ڪرڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر