لاهور – 07 آگسٽ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ جهڙي تعليمي نصاب سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ ختم ڪري سگهجي ٿو، تعليم جي ذريعي ئي اصل ترقي ممڪن آهي، اسڪولن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ح??اد اظهر، گهرو صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، تعليم واري صوبائي وزير مراد را??، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تعليم واري صوبائي وزير مراد را?? اجلاس کي پنجاب صوبي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن ۽ نئ??ن منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ??ال??ائيندي چيو ته تعليم جي ذريعيئي ترقي ممڪن آهي. وزيراعظم پنجابصوبي پاران استادن جي ٽرينگ، هڪ جهڙي تعليمي نظام جي لاءِ قدمن ۽ لاڳاپيل قانوني سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم اسڪولن ۾ سهولتون ڏيڻ جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم ان ??ال??ه تي زور ڏنو ته هڪ جهڙي تعليمي نظام سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.
هڪ جهڙي تعليمي نصاب سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ ختم ڪري سگهجي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک