اسلام آباد – 17 ??يپ??مبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي 18 ۽ 19 ??يپ??مبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير اسد عمر ۽ وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ ساڻس گڏ هوندا. پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران وزيراعظم سعودي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. سعودي شاهه پاران وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ سرڪاري آجياڻو پڻ ڏنو ويندو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز