اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ت?? اسان کي پورو يقين آهي ته 2018ع ۾ اسان 2013ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ب??تر پاڪستان ڇڏي وينداسين، پوري اميد آهي ته 2018ع ۾ به مسلم ليگ (ن) ٻيهر اقتدار ۾ ايندي، اسان چاهيون ٿا ته جيڪو به اقتدار ۾ اچي ان کي هڪ ب??تر پاڪستان ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ت?? اسان جي هدفن ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ شامل آهي، اهو اسان جي ۽ سمورين سياسي پارٽين جي منشور جو به حصو آهي ان کانسواءِ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ ب?? اسان جي اولين ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان ذميواريون وفاقي وزير کان مختلف هونديون آهن، وفاقي وزير رڳو هڪ کاتي جو ذميوار جڏهن ??ه وزيراعظم اندروني ۽ ٻاهريون ذميواريون به نڀائي ٿو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر