اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين نوجوانن جي لاءِ فني تربيت حاصل ڪرڻ کي ضروري قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان نوجوانن کي پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي لاءِ ق??ت بڻائڻ چاهيون ٿا، انهن کي هنر??ند بڻائڻ ۽ عملي زندگي جي لاءِ تيار ڪرڻ ان ئي ??مل جو حصو آهي، نيوٽيڪ کي مخت??ف شعبن ۾ ڪم جي لاءِ وڏي انگ ۾ نوجوانن کي تربيت ڏيڻ جا پروگرام تيار ڪرڻ گهرجن. هو نيوٽيڪ جي اهتمام هيٺ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوانن کي اميد ڏيارڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ نيوٽيڪ ۽ وزيراعظم جو يوٿ اسڪل پروگرام انتهائي فائدي??ند ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته اها معاشري جي هر طبقي جي ذميواري آهي ته هو انهن پروگرامن کي ڪامياب بڻائڻ ۽ قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪ??دا?? ادا ڪن.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری