لاهور – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قومي معيشت ک?? صحيح رخ تي گامزن ڪيو، اڄ جو پاڪستان معاشي طور تي مضبوط ۽ 2013ع کان وڌيڪ محفوظ آهي، سي پيڪ تحت بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي. گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته قومي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ اڄ جو پاڪستان معاشي طور تي وڌيڪ مضبوط ۽ 2013ع کان وڌيڪ محفوظ آهي. اجل??س ۾ پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه، پنجاب جي وڏي وز??ر محمد شهباز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، ناليوارن ڪاروباري شخصيتن ?? لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
حڪومت قومي معيشت کي صحيح رخ تي گامزن ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ