اسلام آباد ?? 03 ??ڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير مسئلي تي حڪومت ، فوج، سياسي پارٽيون ۽ عوام متحد آهن، ان مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري حل ڪري سگهجي ٿو، ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ ستم عالمي معاهدن جي خلاف ورزي آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ سياسي ۽ پارليماني پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي شهيدن ۽ والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي ??ئي?? اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ گڏيل پڌرنامي ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت، فوج، سياسي پارٽيون ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري ??ق جي حمايت لاءِ مڪمل طور تي متحد آهن جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏني وئي آهي. ڀارتي فوج والا??يل ڪشمير ۾ گذ??يل 87 ڏينهن ۾ 110 بي گناهه شهرين کي شهيد ڪيو جنهن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن.
پارلياماني پارٽين جي اجلاس جو پڌرنامو
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ