غزه-12 ڊسمبر (اي پي پي)غزه تي اسرائيل جي تازن حملن ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي حفاظت تي مقرر 12 فلسطيني گارڊ شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي سول ڊفينس ايجنسي چيو آهي ته ڪالهه صبح اسرائيلي فضائي حملن ۾ 12 فلسطيني گارڊن کي شهيد ڪيو ويو جيڪي علائقي جي ڏاکڻي علائقي ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي حفاظت ڪري رهيا هئا. ايجنسي جي ترجمان موجب رفح ۾ هڪ حملي ۾ 7 محافظ، جڏهن ته هڪ ٻي حملي ۾ خان يونس ۾ 5 محافظ شهيد ٿيا. هن چيو ته ا??هن حملن ۾ اٽڪل 30 ڄڻا زخمي ٿيا جن ۾ اڪثر ٻار شامل آهن. فلسطيني پناه??ير?? لاءِ گڏيل قومن جي ايجنسي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اٽو کڻي ويندڙ ٽرڪ گڏيل قومن جي فلسطيني پناه??ير?? جي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي گودامن طرف وڃي رهيا هئا، اسرائيلي فوج ا??هن حملن بابت پڇيل سوالن جا فوري طور ڪي به جواب نه ڏنا.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔