ماسڪو _ 3 ڊسمبر (اي پي پي) روس واضح ڪيو آ??ي ته سندس ملڪ شام جي صدر بشار الاسد جي حمايت جاري رکندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آ??ي ته اسان بشار الاسد جي حمايت جاري رکنداسين ، اسان پنهنجي رابطن کي برقرار رکڻ ۽ صورت??ال جو تجزيو ڪري رهيا آهيون جڏهن ته شام جي صورت??ال کي مستحڪم ڪرڻ لا??ِ ضروري موقف پڻ اختيار ڪيو ويندو . هن چيو ته روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جرمن چانسلر اولاف ش??لز ۽ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنڪسي کي ڪو پيغام ناهي پهچايو . هن چيو ته يوڪرين جنگ ۾ صورت??ال واضع آهي ڪنهن به صورت ۾ اسان مفادن جو تحفظ ڪرڻ جو پورو ارادو رکون ٿا . جارجيا ۾ مظاهرن جو حوالو ڏيندي دمتري پيسڪوف دليل ڏيندي چيو ته هو جارجيا جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو. هن جارجيا جي صورت??ال جي ڀيٽ يوڪرين واقعن سان ڪندي چيو ته هتي صورت??ال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي . اسان ڪجهه ملڪن ۾ به ائين ئي ڏٺو آهي اهو يوڪرين جي واقعن سان ملندڙ آهي . اهي سمورا ان ڳالهه جا اشارا آهن ته جارجيا ۾ به انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي . ترجمان چيو ته جارجيا جي قيادت صورت??ال کي مستحڪم ۽ پرسڪون بڻائڻ لا??ِ قدم کڻي رهي آهي.
روس پاران شام جي صدر جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa