نئين دهلي- 20 نومبر (اي پي پي) جڳ مشهور موسيقار اي آر رحمان ۽ سندس گهرواريءَ سائره بانو شادي جي 30 سالن کانپوءِ ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سائره بانو جي وڪيل وندنا شاهه ان خبر جي تصديق ڪندي ان کي هڪ مش??ل فيصلو قرار ڏنو آهي. ٻنهي جي گڏيل بيان ۾ وڪيل چيو ته شادي جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ سائره پنهنجي وَر اي آر رحمان کان ڌار ٿيڻ جو مش??ل فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو سندن لا??اپ?? ۾ اهم جذباتي ڇڪتاڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هڪٻئي سان گهري محبت باوجود، جوڙي محسوس ڪيو آهي ته ڇڪتاڻ ۽ مش??لاتن سندن وچ ۾ هڪ خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي، سائره ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته هن اهو فيصلو درد ۽ ڪرڀ سبب ڪيو آهي، سائره ان مش??ل وقت ۾ عوام کان رازداري ۽ سمجهداري جي درخواست ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي زندگي جي ان مش??ل باب کي اڳتي وڌائي رهي آهي، اي آر رحمان ۽ سائره بان?? 1995ع ۾ شادي ڪئي هئي، سندن ٽي ٻار خديجه، رحيمه ۽ امين آهن.
اي آر رحمان ۽ سندس گهرواريءَ سائره بانو جو شادي جي 30 سالن کانپوءِ ڌار ٿيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج