قاهره-05 جنوري (اي پي پي) عرب پارليامينٽ فلسطينين کي غزه مان جبري طور تي بي دخل ڪرڻ جي هر تجويز کي رد ڪندي ان جي مذمت ڪئي آهي. عرب پارليامينٽ گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته 1967 جي اليمي جو منظر نامو ورجائڻ جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي. غزه فلسطيني سر زمين آهي ۽ مڪمل خودمختيار رياست جو نه ٽٽندڙ حصو آهي ۽ رهندو. عرب پارليامينٽ زور ڀريو آهي ته قابض اسرائيل?? حڪومت جي ڪيترن ئي انتهاپسند وزيرن جا نسل پرستي وارا بيان انهن جي وحشياڻي ذهنيت جي ??ڪاسي ڪر?? رهيا آهن ۽ ان قسم جي ??يانن سان علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. اهڙا بيان عالمي انساني قانون ۽ عالمي قانوني ٺهرائن جي کليل خلاف ورزي آهن. عرب پارليامينٽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي فلسطيني عوام خلاف اجتماعي نسل ڪشي جي ??نگ بند ڪرائن ۽ انهن جبري بي دخلي وارين اسڪيمن کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻن. واضع رهي ته ڪيترن ئي اسرائيلي وزيرن چيو آهي ته غزه مان فلسطينين کي بي دخل ڪيو وڃي، غزه پٽي تي ٻيهر قبضو ڪيو وڃي ۽ اتي يهودي وسنديون آباد ڪيون وڃن.
غزه فلسطيني رياست جو حصو آهي: عرب پارليامينٽ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار