اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني هم من??ب لي ڪي چيانگ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين سفا??تي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيني هم من??ب ۽ قيادت کي مريخ تي چيني خ??ائ?? جهاز جي ڪامياب لينڊنگ تي مبارڪباد پيش ڪئي جنهن سان چين جي وڌندڙ ٽيڪينڪي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عمران خان زور ڏيندي چيو ته گذريل سالن دوران گڏيل ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان پاڪستان ۽ چين پنهنجي لاڳاپن کي سدابهار وڌندڙ حصيداري ۾ تبدي?? ڪري ڇڏيو آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فلينگ شپ من??وبو آهي ۽ ان سان ??عا??ي سرگرمين کي تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن ۽ ان سان ٻه طرفا ۽ ع??ائ??ائي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سال 2021ع هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفا??تي لاڳاپن جي قيام جي 17 هين سالگرهه جو سال آهي، جنهن کي ٻئي ڌريون ڀرپور انداز ۾ ملهائينديون، وزيراعظم ان موقعي تي چيني وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، وزيراعظم عمران خان ڪوووڊ 19 مان سرخرو ٿيڻ ۾ پاڪ چين تعاون تي روشني وجهندي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ چين جي پاڪستان کي جاري مدد تي دل جي گهراين سان واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم جي چيني هم منصب سان فون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری