اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت صحافت ??ي آزادي کي هڪ بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق سمجهي ٿي، ملڪ ۾ ميڊيا سينسرشپ جو ڪو تصور نه نه آهي، ميڊيا کي سياست، معيشت يا ڪنهن به ٻئي شعبي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي بي مثال آزادي حاصل آهي، حڪومت ملڪ ۾ آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جي فروغ ۽ ورڪنگ جرنلسٽس ج?? تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ سهولتون فراهم ڪندي رهندي. صحافت ??ي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته صحافت ??ي آزادي جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ ۾ اسان صحافي برادري سان گڏ آهيون.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا