اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، ٻنهي منصوبن ۾ ماحوليات جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بزنس ڊيولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظ?? کي راوي سٽي منصوبي تي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ??ني وئي. وزيراعظ?? کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي منصوبي ۾ 5400 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي جنهن جي مد ۾ ايوارڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي منصوبي تائين آسان پهچ جي لاءِ 17 ڪلوميٽر رستو تعمي?? ڪيو ويندو. ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۾ 450 ايڪڙ زمين کي ايگري فارمز جي لاءِ رکيو ويو آهي، راوي سٽي ۾ سيڙڪاري جي لاءِ ناليواري سيڙپڪار ڪمپنين پاران دلچسپي جو اظها?? ڪيو ويو آهي جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي. وزيراعظ?? کي لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ قائم ڪرڻ جي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ??ني وئي. وزيراعظ?? کي ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ 10 هزار وڻ لڳايا ويندا، هن وقت ان علائقي ۾ رڳو 1390 وڻ آهن، ان حوالي سان هڪ ٽري ميٽر قائم ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ لڳايو ويندڙ هر وڻ جي داخلا ٿيندي.
راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے