اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪمل طور تي لاڪ ڊائون جي اجازت ??طئ?? طور تي نه ڏني ويندي، مڪمل لاڪ ڊائون جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي پاليسي واضح آهي، سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته صوبا ان ڏس ۾ انفرادي فيصلو نٿا ڪري سگهن، آرٽيڪل 151 تحت پاڪستان هڪ سنگل مارڪيٽ آهي، ڪراچي جي بندرگاهه پاڪستان ??ي معيشت جي شه رڳ آهي ۽ اهڙو قدم کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جنهن سان پاڪستان ??ي معاشي شه رڳ متاثر ٿئي. سنڌ حڪومت پاران مڪمل لاڪ ڊائون جي فيصلي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو به آپشن ڪ??هن صوبي کي دستياب نه آهي، ڪورونا جي حوالي سان پاليسي وفاق ۽ اين ??ي او سي جاري ڪندا آهن ۽ صوبا ان ??ي عملدرآمد جا پابند آهن، هن چيو ته پاڪستان ڪ??رونا جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو آهي، هن وقت تائين اسان ??نساني جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ ملڪي معيشت به هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??و موقف آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون سان مزدور، ڏهاڙيدار طبقو شديد متاثر ٿيندا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ ڪراچي ۾ صورتحال سنگين نه هجي ها، هن چيو ته سنڌ کي واضح طور تي پيغام ڏنو ويو آهي ته انفرادي فيصلا نٿا ڪري سگهجن، اين ??ي او سي جي گائيڊ ??ائينز تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي.
سنڌ ۾ مڪمل طور تي لاڪ ڊائون جي اجازت قطئي طور تي نه ڏني ويندي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا