اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اوورسيز پاڪستانين کي انهن جا سياسي حق ڏيڻ سان گڏوگڏ چونڊ عمل کي و??يڪ شفاف، محفوظ ۽ غير جانبدار بڻائڻ لاءِ چونڊ سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊ نظام کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ??ڏج?? ڪم ڪرڻ سياسي پار??ين ۽ لاڳاپيل ادارن جي قومي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم وا??ي وفاقي وزير شفقت محمود، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وا??ي وفاقي وزير امين الح?? ۽ ??زيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چونڊ قانونن ۾ بهتري جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سڌارن واري عمل کي اڳتي و??ائڻ لاءِ سياسي پار??ين ۽ ٻين حصيدارن جي و?? ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جو حوالو ڏيندي چيو ته سمورين سياسي پار??ين جمهوري عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ان جي حمايت ڪئي، هن ڀيري به سياسي پار??ين جي قيادت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ذريعي شفاف چونڊ عمل جي حوالي سان عوام جي سياسي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ انهي تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
صدر جي صدارت ۾ چونڊ سڌارن جي حوالي سان جائزي اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام