اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ڪوريا ??ان واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ گهرجي.
اها ڳالهه هن ڏکڻ ڪوريا جي سفير ??ان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان جا ماڻهو ڪوريا ??ان لاڳاپن کي انتهائي عزت جي نگاهه ??ان ڏسن ٿا، ڏکڻ ڪوريا جو امن، جمهوريت ۽ خوشحالي جي رستي تي سفر قابل تحسين آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏهاڪن جي ٿوري عرصي ۾ ڪوريا پاڻ کي ٽيڪنيڪي لحاظ کان ترقي يافته معيشت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڏکڻ ڪوريا ??ان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي وڏي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ گڏيل تعاون جي سياسي، اقتصادي، سائنسي، دفاعي، ثقافتي ۽ ٻيا شعبا شامل آهن.
هن چيو ته افغانستان ۾ تازي بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان 16000 کان وڌيڪ غير ملڪي شهرين کي حفاظت ??ان وطن پهچايو، ڏکڻ ڪوريا جي درخواست تي پاڪستان 392 ڪورين رهواسين کي باحفاظت ڪابل مان ڪڍي ورتو آهي، ٻنهي اڳواڻن قومي ۽ عالمي سطح تي گڏيل مفادن جي حوالي ??ان گڏيل تعاون ۽ گڏيل تفهيم کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏنو، هن چيو ته پاڪستان ڪوريا ??ان پنهنجي معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، گذريل ٻن سا??ن ۾ ڪورين ڪمپنين پاڪستان ۾ پنهنجي موجودگي ۽ مارڪيٽ شيئر ۾ سراسري اضافو ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ 1.122 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده گڏيل واپار ٻن??ي ملڪن جي صلاحيت کان گهڻي گهٽ آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل واپار کي ف??وغ ڏيڻ لاءِ فعال قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، واپار جي ف??وغ لاءِ فري ٽريڊ ايگريمنٽ ٻن??ي ملڪن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. 220 ملين آبادي تي مشتمل ملڪ پاڪستان، افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن ??ان ڳنڍيل آهي جنهن جي ڪري پاڪستان سڄي دنيا لاءِ سيڙپڪاري جي لحاظ کا?? اهم ملڪ آهي.
صادق سنجراڻي ايگزيم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ 88.80 ملين ڊالرز جي لاڳت ??ان انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير تي ڪم شروع ڪرڻ تي ڏکڻ ڪوريا جي تعاون کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڏکڻ ڪوريا پاران پاڪستان ۾ سام سنگ موبائيل مينوفيڪچرنگ يونٽ جي قيام جي حوالي ??ان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صادق سنجراني چيو ته پاڪستان ڪوريا ??ان واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ گهرجي، ملاقات ۾ ٻن??ي ملڪن جي پارليامينٽ کي ويجهو آڻڻ ۽ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ ف??وغ ڏيڻ لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي سطح تي به وفدن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ ڪوريا جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.