??سل??م آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪس??ان امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، پاڪس??ان عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪس??ان جون خدمتون ان امر جو عملي نمونو آهي گڏيل قومن جو ميمبر هئڻ جي باوجود هندس??ان جي ظلم، بربريت ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي عالمي برادري کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو، افغانس??ان ۾ امن لاءِ پاڪس??ان جي مخلصاڻين ڪوششن کي عالمي برادري پاران ساراهيو پيو وڃي. عالمي امن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ هن وقت تائين پاڪ فوج جا 161 جوان شهيد ٿي چڪا آهن، پاڪس??ان جي 22 ڪروڙ عوام عالمي امن جي قيام لاءِ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي نوجوانن کي سلام پيش ڪري ٿي، هن چيو ته خطي ۾ هندس??ان جي والاريل ??شمير ۾ بدامني ۽ ظلم ڪنهن کي نظر نٿو اچي. هن چيو ته پرامن افغانس??ان ئي پرامن پاڪس??ان آهي، هن چيو اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز کي به سلام پيش ڪريو?? ٿا جنهن دائمي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هن چيو ته پاڪس??ان نه رڳو پنهنجي ڌرتي پر عالمي امن لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو.
پاڪستان امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، پاڪستان عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : sorteios quina