اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چي?? آه?? ته پاڪستان ۾ جمهوري ادارن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا. جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي. دنيا ۾ جمهوريت کي چئلينجن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ڪنهن سوچيو به نه هو ته ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيندو. اها ڳالهه گذريل ڏينهن يوم جمهوريت جي عالمي موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چي?? ته 20 سالن کان دنيا ۾ جمهوريت جي ارتقا ڏٺي وئي آه?? ته هو انتهاپسندي ۽ عدم برداشت ۾ واڌ ٿي آهي. اهڙا ملڪ جتي جمهوريت قائم آهي اتي اسان کي اهڙا منظر ۽ ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ ملي آهي جنهن جي باري ۾ اڳ ڪڏهن سوچيو به نه هو. هن چي?? ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ احتساب جو هڪ اهڙو نظام هئڻ گهرجي جو جيڪڏهن ڪو غلطي ڪر?? ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏئي سگهجي. آزاد ميڊيا کان سواءِ جمهوريت مڪمل نه هوندي آهي. هن چي?? ته 2007ع ۾ عدليا جي حوالي سان مهم هل?? ته ان وقت اسان به روڊن تي نڪتا هئاسين ۽ آزاد عدليه کان سواءِ جمهوريت جو تصور ئي ناهي. هن چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ ملڪ اندر جمهوريت مضبوط ??ي آهي ان ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 2013ع ۾ پرامن طريقي سان اقتدار منتقل ٿيو جمهوري دور مسلسل 13 سالن کان هلي رهيو آهي. هن چي?? ته هن وقت ڪوڙين خبرن جي پکيڙ ۾ واڌ ٿي آهي، ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگه?? ته ڄاڻايل ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي تي سمورين واڳيل ڌرين کي ملي ڳالهائڻ گهرجي. جمهوريت ان وقت مضبوط ??يندي آهي جڏهن عوام کي محسوس ٿئ?? ته جيڪڏهن جمهوري نظام نه هوندو ته منهنجي زندگي ۾ ابتري پيدا ٿيندي بهتري نه ايندي. ماڻهن کي ايئن ئي محسوس هئڻ گهرج?? ته کين ترقي جي سفر ۾ جائز حصو ملي رهيو آهي. وزيراعظم جي بنيادي پيغامن ۾ هڪ اهو به پيغام آه?? ته سڀ کان ڪمزور طبقي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ ترجيحي بنيادن تي وسيلا مهيا ڪيا وڃ??. احساس پروگرام تحت انهن طبقن کي سهولتون فراهم ڪيون. بلوچستان، اندروني سنڌ، گلگت بلتستان جي پٺتي پيل علائقن لاءِ پئڪيج ڏنا، ڪراچي لاءِ 2 کرب جا 4 پئڪيج ڏنا، بلوچستان لاءِ تاريخ م سڀ کان وڏو ترقياتي پئڪيج ڏنو جو اتي جون مخالف جماعتون پاڻ چئي رهيون آهن ته اڄ کان اڳ ايترو وڏو ترقياتي پئڪيج بلوچستان کي ڪنهن به نه ڏنو.
پاڪستان ۾ جمهوري ادارن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش