ڪريم ڏنو راهمون
ڪمائڻ جي جستجو هُجي ته سهُولتن جي اڻهوند به رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي، ٿر واسين برسات بعد خيما بستين کان پوءِ خيما مارڪيٽُون قائم ڪري ٿر جي روايتي ڀاڄ??ون ۽ م??ون جو وڪرو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ رستن تي قائم ٿيل خيما مارڪيٽون سياحن جي خريداري جا اهم مرڪز بڻيل آهن، جڏهن ته بجلي، گئس ۽ عمارتن کان سواءِ قائم ٿيل اهي مارڪيٽُون ملڪ ۾ پنهنجي طرز جُون منفرد مارڪيٽُون آهن، ٿر جي وڏي خيما مارڪيٽ مٺي شهر جي ويجهو نئوڪوٽ بدين بائي پاس روڊ ڦانگهاريو اسٽاپ تي قائم ڪئي وئي آهي، جتي 15 کان 20 دوڪان قائم ڪيا ويا آهن، جتان روزانو ٿر گهمڻ ايندڙ سوين سياح اتان پنهنجي لاءِ ٿر جُون روايتي ڀاڄيُون ۽ ميوا کُنڀي، مريئڙو، لُلِر، چڀڙ، گدريُون، ڇانهيُون، ريڀڙِيُون، ميها، پِپُون، ڪوڍير ۽ گوار واپسي تي پنهنجي گهر لاءِ وٺي وڃن ٿا
جڏهن ته خيما مارڪيٽن کان سواءِ هڪ هڪ خيمي جا دُڪان پڻ هر هنڌ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جڏهن ته بارشن وانگر اهي خيما مارڪيٽُون به سانوڻ جي رُت ۾ قائم ٿينديُون آهن، ٿر جون ڀاڄ??ون سياح توڙي ٿر جا رهواسي وڏي شوق سان کائيندا آهن ۽ سنڌ جي مختلف علائقن سميت پوري ملڪ ۾ رهندڙ مٽن مائٽن ۽ دوستن کي تحفي طور به موڪليندا آهن، جنهن مان مزدور طبقي کي سٺي ڪمائي ملي پوندي آهي ۽ ٿر ۾ برسات کان ٿيندڙ ڀاڄ??ون غريب ماڻهن جي روزگار جو وڏو ذريعو آهن، ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ قدرتي ڀاڄيُون سڀ کان مهانگي وڪرو ٿين ٿيُون ۽ ان مان هر طبقي جو ماڻهُو لاڀ پرائي ٿو، ڌنار مال چارڻ سان گڏوگڏ کُنڀيُون، مريئڙو، لُلِر، چڀڙ، گدريُون، ڇانهيُون، ريڀڙِيُون، ميها، پِپُون، ڪوڍير ۽ گوار پڻ چونڊي اچي انهن دُڪانن تي وڪرو ڪن ٿا جٿي وري دڪاندار انهن کي سجائي سياحن کي وڪرو ڪن ٿا
شروع ۾ پنج سو کان ست سو روپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿيندي آهي ۽ بعد ۾ ٻ?? سو کان ٽي سو روپين ۾ وڪرو ٿيندي آهي۔ ان کان سوا۽ ٻ??ون ڀاڄ??ون ب?? سو کان ٻ?? سو روپين تائين وڪرو ٿيند??ون آهن، ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ ڀاڄ??ون ٿرواسي پُورو سال سنڀالي رکندا آهن ۽ مشڪل وقت ۾ استعمال ڪندا آهن. خيما مارڪيٽ ۾ سهولتن جي اڻهوند باوجود روزانو تاز??ون ڀاڄ??ون وڪرو ٿين ٿيون.
اي پي پي سان ڳالهائيندي پيارو خان بجير چيو ته ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ ڀاڄين مان سڀ کان وڌيڪ کنڀ??ون وڪرو ٿيند??ون آهن، جيڪي سڀني ڀاڄين کان وڌيڪ مهانگ??ون آهن، شروع شروع ۾ پنج سو کان ست سو تائين وڪرو ٿيند??ون آهن، جيڪي اسان ٻهراڙي جي ماڻهن کان اندازي تي چار سو روپيا ڪلو جي حساب سان وٺندا آهيون، پوءِ اهي کنڀ??ون وڌيڪ ٿيڻ جي صورت ۾ گهٽ اگهه ۾ وٺندا ۽ وڪرو ڪندا آهيون، کنڀ??ون هتان کان مڻن جي حساب سان گهوٽڪي، جيڪب آباد، سکر، دادو، حيدرآباد، مورو لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ڏانهن واپاري وٺي کڻي ويندا آهن، جنهن سان اسان جو سٺو روزگار ٿيندو آهي، جيڪڏهن برسات سراسر هوندي آهي ته ٻن مهينن تائين سٺو ڪاروبار هلندو آهي، جيڪڏهن برسات گهٽ هوندي آهي ته پندرنهن کان ويهه ڏينهن مس هلندو آهي۔ جڏهن ته هڪ ٻئي ڀاڄ??ون وڪرو ڪندڙ سوائي ڀيل چيو ته ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ ڀاڄ??ون کنڀي، للر، مريئڙو، پپون، گوار، چڀڙ، گدر??ون ۽ ميها سٺي اگهه ۾ وڪرو ٿين ٿا، جنهن مان اسان جو سٺو گذران ٿيندو آهي، هن چيو ته شروع ۾ ٿر جون ڀاڄ??ون کنڀي کان سوا۽ ٻ??ون هڪ کان ڏيڍ سو روپيا جي حساب سان وٺندا آه??ون ۽ ٻ?? سو تائين وڪرو ڪندا آهيون، ٿر جي ماڻهن سميت ٿر گهمڻ ايندڙ تمام شوق سان وٺندا آهن، هن چيو ته جيڪي ڀاڄ??ون بچي پوند??ون آهن، اهي تقريبن سڪي ويند??ون آهن، اسان روزانو تاز??ون ڀاڄ??ون خريد ڪندا آهيون، صرف گوار، چڀڙ، ميها ۽ گدريون ٻن ڏينهن تائين صحيح هوند??ون آهن جن کي اسان پلاسٽڪ جي ڪٽن ۾ بند ڪري رکندا آهيون. ٿر گهمڻ لا۽ ايندڙ ضلعي ٺٽي جي اسلم جت ۽ رمضان جت اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هر سال ٿر گهمڻ آيا آهيون، برسات کان پو۽ ٿر جا نظارا ڏسڻ وٽان هوندا آهن، اسان کي ڏاڍو مزو ايندو آهي، هنن چيو ته هي خيما مارڪيٽون رستي تي هجڻ جي ڪري خريداري ۾ آساني ٿي پئي آهي، اسان هتان کان ٿر جون ڀاڄ??ون ۽ ميوا وٺي ٺٽو کڻي وڃي رهيا آهيُون جنهن مان اسان پاڻ به شوق سان کائيندا آه??ون ۽ مٽن مائٽن سميت دوستن کي سوکڙي طور به ڏيندا آهيون.