اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان تاريخ جي سڀ کان مشڪل معاشي صورتحال مان نڪري آيو آهي، پهريون ڀيرو اسان جي حڪومت صنعتن جي بحالي کي ترجيح ڏني آهي، ان حڪمت عملي س??ن روزگار جا موقعا ملندا، ڊيجيٽل ميڊيا ذريعي مظلوم ڪشميري عوام جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪري دنيا کي باور ڪرايو وڃي ته سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جو حل عالمي دنيا جو فرض آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ وفاقي حڪو??ت 5 فيبروري تي ڪشمير سان ي??جهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فاشسٽ مودي س??ڪار هندو راشٽرا جو خواب پورو ڪرڻ جي لاءِ امن ۽ خطي جي سلامتي کي داءُ تي لڳائي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.
پاڪستان تاريخ جي سڀ کان مشڪل معاشي صورتحال مان نڪري آيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará