اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا 6 سيڪڙو جي واڌ جي شرح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ادائيگين ۾ توازن، مالي ۽ قرضن جي سگهه ۽ سرڪاري ادارن جي بهتر نظم ۽ ضبط جي لاءِ عبوري ڪابينا جي مينڊيٽ تحت فوري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. نگران وزيراعظم جسٽس (ر) نا??ر الملڪ جي صد??رت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو، گهرو سيڪريٽري ڪابينا کي وفاقي گهرو وزرات ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ملڪ ۾ داخلي سلامتي ۽ امن امان کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ انتظامي پاليسي قدمن جي باري ۾ ڪابينا کي آگاهه ڪيو. گهرو سيڪريٽري وفاقي ڪابينا کي آزاداڻي، منصفاڻي، غير جانبداراڻي ۽ پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني ب??ائن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد جي ڏس ۾ گهرو وز??رت جي قدمن جي باري ۾ به ٻڌايو.
نگران وفاقي ڪابينا 6 سيڪڙو جي واڌ جي شرح تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں