اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگز??ب چيو آهي ته وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو به تعلق نه ??هي?? وزيراعظم ۽ شريف خاندان سدائين عدليه ۽ عدليه جي فيصلن جو احترام ??يو ??هي?? وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف پاناما ليڪس ۾ نالو نه هجڻ جي باوجود جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگز??ب چيو ته جڏهن پاناما ليڪس آئي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سپريم ڪورٽ کي خط ل??يو ته پاناما ليڪس تي ڪميشن يا جي آءِ ٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪو ٽيون ڀيرو عوام جي مينڊيٽ وٺي وزيراعظم بڻيو آهي اهو شروع ڏينهن کان ئي هي چا??ي ٿو ته پاناما ليڪس جو جلد آئيني طريقي سان حل نڪري. هن چيو ته اسان جا مخالف جيڪي پهرين ڌرڻا، احتجاج، ڪوڙا الزام ۽ ڪوڙ جو سهارو وٺي سياست ڪري رهيا هئا پاناما ليڪس کي سياسي حربي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو به تعلق نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی