لنڊن -05 ڊسمبر (اي پي پي ) انساني حقن جي عالمي اداري ايمنسٽي انٽر نيشنل جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزه ۾ گذريل سال شروع ٿيل جنگ جي شروعات سان ئي فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ جي حوالي سان چيو آهي ته ان ۾ موجود معلومات اسرائيلي حڪومت ۽ عسڪري اڳواڻن جي غير انساني ۽ نسل ڪشي جا بيان سيٽ لائيٽ تصويرن ۽ زميني حق??قت?? تي ٻڌل آهن . ايمنسٽي انٽر نيشنل ??ي اڳواڻ ايڪنس ڪيلا مارڊ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان اسرائيل غزه ۾ فلسطينين سان انسانن سان گه?? درجي جي مخلوق وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي جيڪو انساني حقن يا تعظيم جي قابل نه ه??ي اهي فلسطينين جي وجود کي باقاعده تباهه ڪرڻ ??ي اسرائيلي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو . هن رپورٽ جي حوالي سان چيو ته واضح شاهدين تي ٻڌل اهي نتيجا عالمي برادري کي جاڳائڻ يا خبردار ڪرڻ لاءِ ڪافي هجڻ گهرجن. اها نسل ڪشي آهي ان کي ان ئي وقت رکڻ گهرجي . ايمنسٽي ??ي اڳواڻ ايڪنس ڪيلا مارڊ پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته ان ۾ ڪو به شق ناهي ته اسرائيل جي عسڪري مقصدن ??بب نسل ڪشي ??ي ارادن کي رد نٿو ڪري سگهجي. رپورٽ ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان هلندڙ سال 20 اپريل وچ ۾ 15 حملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي پر عسڪري مقصد هجڻ سان نسل ڪشي ??ي ارادن ??ي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي . رپورٽ ۾ 141 ٻارن سميت 334 شهري شهيد ٿيا انهن واقعن ۾ ايمنسٽي انٽر نيشنل کي اهڙيون ڪي به شاهديون ناهن مليون. اه?? حملا عسڪري مقصدن ??ي حوالي سان ڪيا ويا هيا .رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته فلسطينين کي غذا جي گه??تائي ، بک ۽ بيمارين جو نشانو بڻايو ويو آهي انهن کي آهستي آهستي موت طرف ڌڪيو ويو آهي . جنگ جي شروعات کان گه?? ۾ گه?? 44 هزار 532 ماڻهون غزه ۾ شهيد ٿي چڪا آهن.
اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي: ايمنسٽي انٽر نيشنل جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش