گڏيل قومون-15 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن کي ٻڌايو آهي ته غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قوم?? جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي بند ڪرڻ لاءِ اسرائيلي قانونسازي لکين فلسطينين کي افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيندي، عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قوم?? جي اهم لائف لائن يو اين آر ڊبليو اي جي ڀرپور حمايت ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن ۾ فرسٽ سيڪريٽري انصر شاهه گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي جي پوليٽيڪل اينڊ ڊي ڪالونائيزيشن بابت چوٿين ڪميٽي ۾ بحث دوران چيو ته اسرائيل طرفان يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ا?? جي امدادي سرگرمين کان روڪڻ گهرجي ۽ اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن ته يو اين آر ڊبليو اي فعال رهي ۽ پنهنجي مينڊيٽ موجب انساني همدردي جي ڪمن کي سرانجام ڏي. پاڪستاني نمائيندي انصر شاهه چيو ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام جي اميد ۽ وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ انصاف، انساني حقن، بين الاقوامي قانو?? جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان يو اين آر ڊبليو اي جي امدادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوشش?? جي مذمت ڪئي. پاڪستاني نمائندي لکين فلسطينين لاءِ سنگين خدشن کي اجاگر ڪيو ته اسرائيلي قدمن سان ضروري عوامي خدمتن جهڙوڪ تعليم، ص??ت ۽ سماجي مدد ختم ٿي وينديون جن تي سندن زندگي جو دارومدار آهي. هن چيو ته غزه جي سموري آبادي کي خدشو آهي ته ا?? جي واحد لائف لائين ختم ڪ??ي ويندي. ميمبر ملڪ?? جي مداخلت کانسواءِ يو اين آر ڊبليو اي بند ٿي ويندو جنهن سان لکين فلسطيني افراتفري ۾ هليا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام جي پڪار جو جواب ڏيڻو پوندو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عالمي برادري چارٽر ۽ عالمي قانون?? جي پاسداري لاءِ ٺوس قدم نه کنيا ته گڏيل قوم?? جي چارٽر جي بنياد تي ٺاهيل عالمي نظام تباهه ٿي سگهي ٿو. هن فلسطينن لاءِ پاڪستا?? جي مستقل حمايت ۽ ا?? جي خود اراديت واري حق جو ورجاءُ ڪندي چيوته عالمي برادري کي فلسطيني براد??ي جي اميد ۽ وقار جي بحالي لاءِ انصاف، انساني حقن ۽ عالمي قانون?? جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي.
اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين تي پابندي کان روڪڻ گهرجي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا