گڏيل ق??مون-04 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل ڪالهه سيڪريٽري جنرل انتون??وگ??تريش جي مڪمل حمايت جي تصديق ڪئي آهي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق گڏيل ق??من ۾ سوئٽزرلينڊ جي مستقل نمائندي ۽ آڪٽوبر لاءِ ڪائونسل جي صدر پاسڪل بيريسوائل چيو ته سلامتي ڪائونسل طرفان گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتون??وگ??تريش، سندس اھم ڪردار ۽ گڏيل ق??من لاءِ وسيع پيماني تي پنھنجي مڪمل حمايت جو ورجاءَ ڪيو ويو. بيان ۾ گڏيل ق??من جي سمورن ??يم??ر ملڪن کي گڏيل ق??من جي سربراهه سان نتيجا ڏيندڙ ۽ اثرائتا ناتا رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آھي ۽ ??يم??ر ملڪن تي زور ڀريو ويو آھي ته سندس ڪم ۽ سندس آفيس کي نقصان پھچائڻ واري ڪنھن به قدم کان پاسو ڪيو وڃي. سلامتي ڪائونسل جي ??يم??رن ان ڳالھه تي زور وڌيڪ ڀريو ته گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل يا گڏيل ق??من سان ڳالھيون نه ڪرڻ جو ڪو به فيصلو، خاص طور تي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ بلڪل غلط آھي. واضح رھي ته اسرائيل جي پرڏيھي وزير اسرائيل ڪاٽز اربع تي گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتون??وگ??تريش کي اسرائيل ۾ اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏيندي سندس ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي مڪمل حمايت جي تصديق
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون