نيويارڪ _7 جون (اي پي پي ) آمريڪا يوڪرين لاءِ وڌيڪ 225 ملين ڊالر جي فوجي امداد موڪلڻ ج?? اعلان ڪيو آهي . ايسوسي ايٽ?? پريس مطابق نئين پيڪج ۾ هاءِ موبلٽي آرٽلري راڪٽ سسٽم لاءِ جنگي سازو سامان سان گڏوگڏ ايئر ڊيفينس سسٽم جا ميزائل ، سنگراينٽي ايئرڪرافٽ ميزائل ، جيولن ۽ اي ٽي فور اينٽي آرمر سسٽم ، 155 ا??م ايم هووٽزر ، بڪتربند گاڏيون شامل آهن . واضع ??هي ته اپريل جي آخر ۾ ، آمريڪي صدر جوبائيڊن يوڪرين ، اسرائيل ۽ تائيوان کي هٿيارن جي فراهمي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ آمريڪي ڪانگريس جي منظور ڪيل بلن جي هڪ پيڪج تي صحيحون ڪيون هيون جنهن جي ماليت 95 ارب ڊالر هئي . ان ۾ يوڪرين لاءِ 61 بلين ڊالر فوجي امداد شامل هئي .
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا