واشنگٽن-01 مئي (اي پي پي)آمريڪا چيو آهي ته رفح ۾ اسرائي??ي فوجي آپ??يش?? جي حوالي سان سندس خدشا ختم ناهن ٿيا، اسان فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ بابت پُرعزم آهيون. العربيه اردو مطابق اها ڳالهه آمريڪي کا??ي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته اسائيل ڏکڻ غزه پٽيءَ جي شهر رفح ۾ فوجي آپ??يش?? جي حوالي سان ڪو قابل اعتماد منصوبو سامهون نه آڻي سگهيو. پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن به اسرائيلي عملدارن سان ملاقات دوران فوري جنگبندي معاهدي تائين پهچڻ ۽ يرغمالين جي رهائيءَ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير گذريل ڏينهن ايريز (بيت حانون) ڪرانسگ ذريعي غزه پٽيءَ ويندڙ پهرين اران جي امدادي ٽرڪن واري قافلي جو مشاهدو ڪيو. واضح رهي ته ان کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ان عزم جو اظهار ڪيو هو ته رفح شهر ۾ بيگهر ٿيل 10 لک کان وڌيڪ فلسط??ني?? جي مستقبل بابت عالمي ڳڻتيءَ باوجود فوجي ڪارروائي جاري رکندا.
رفح ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن جي حوالي سان اسان جا خدشا ختم ناهن ٿيا، فوري جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ بابت پُرعزم آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی