گڏيل قومون-07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اعلان لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل کان عالمي اداري جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ??رڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن سلامتي ??ائونسل کي لکيل خط ۾ پارٽر جي باب XV جي آرٽيڪل 99 تي زور ڀريو. آرٽيڪل ۾ چيو ويو آ??ي ته گڏيل قومن جو سربراهه ڪنهن به معاملي تي سلامتي ??ائونسل جو ڌيان ڏياري سگهي ٿو جنهن سان ان جي راءِ ۾ عالمي امن ۽ سلامتي ??ي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو. اهو خط اربع جي صبح نيويارڪ ۾ سلامتي ??ائونسل جي صدر ڏانهن موڪليو ويو، خط سان گڏ صحافين کي ڏ??ل هڪ بيان ۾ گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو ته 2017ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آ??ي جڏهن گڏيل قومن جي سربراهه چارٽر 99 تي عمل جي اپيل ڪرڻ تي مجبور ٿيو آ??ي، سيڪريٽري جنرل جي ترجمان وضاحت ڪئي ته گڏيل قومن جي سربراهه غزه ۽ اسرائيل ۾ ايتري ٿوري وقت ۾ انساني جانين جي نقصان تي انتهائي حد کي ڏسندي اهو قدم کڻي رهيو آ??ي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سلامتي ??ائونسل جي صدر کي لکيل پنهنجي خط ۾ چيو ته اسرائيل ۽ فلسطيبن تڪرار سان مجموعي طور تي 8 هفتن کان وڌيڪ جنگ اسرائيل ۽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ خوفناڪ انساني تباهي، مصيبتون ۽ اجتماي صدمي کي جنم ڏنو آ??ي، هن يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه ۾ شهرين کي شديد خطرا درپيش آهن، جتي مبينه طور تي 15 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار شامل آهن.غزه ۾ تقريبن 80 سيڪڙو ماڻهو بي گهر آهن، 11 لک کان وڌيڪ شهري گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي پناهگاهن ۾ پناهه جا گهرجائو آ??ن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اپيل
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش