چترال – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين، مخالفن جي پروپئگنڊه جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ترقي جو سفر جاري رکنداسين، چترال سان دل جي گهراين سان محبت ڪريان ٿو. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي چترال جي عوام سان ايترو ئي پيار آهي جيترو هو مون سان ڪري ٿو. هن چيو ته لواري ٽنل کانسواءِ 17 ارب رپيا رستن جي تعمير تي پڻ خرچ ٿيندا. هن چيو ته اسان جي دلين ۾ بغض نه آهي جنهن کي جيترو مينڊيٽ مليو ان جو احترام ڪريون ٿا، بغض هجي ها ته صوبن ۾ حڪومت ٺاهي سگهياسين پئي. هن چيو ته احتجاجي سياست ڪندڙن کي عوام هر جاءِ تي رد ڪري ڇڏيو. وزير??عظ?? چيو ته چترال ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ٺهنديون. هن چيو ته علائقي ۾ اسپتال جي تعمير جي لاءِ وزير??عظ?? هيلٿ پروگرام تحت 250 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهي ويندي جنهن جي تعمير جلد شروع ٿيندي ۽ اڪثر منصوبا 2018ع تا??ين مڪمل ٿي ويندا.
اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری