بشڪيڪ- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرغزستان جي وزيراعظم عقيل بيگ جعفروف کي سندس عهدي تان هٽايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪرغزستان جي صدارتي ايڊمنسٽريشن پنهن??ي بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عقيل بيگ جعفروف کي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي ۽ پهرين نائب وزيراعظم عادل بيگ قاسم عليوف کي وقتي وزيراعظم نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن جي نامزدگي جي حتمي منظوري ملڪي پارليامنٽ کان ورتي ويندي. ياد رهي ته عقيل بيگ جعفروف ??ڪٽوبر 2021ع کان وزيراعظم جي عهدي تي م??رر هو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت