انقره-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ترڪيه ۾ ايراني سفير محمد ح??ن حبيب الله زاده چيو آهي ته سندس ملڪ تي اسرائيل جي امڪاني حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. مراڪش اخبار کي انٽرويو ۾ ايراني سفير چيو ته اهو دور ختم ٿي ويو آهي جڏهن ايران پ?مرائی_کی_خوش_قسمتی۔/116840.html">?هن??ي اصولن تي پوري طرح عمل پيرا هو. جيڪڏهن صيهوني حڪومت ايران تي حملو ڪيو ته ان کي سخت ۽ زبردست جواب کي منهن ڏيڻو پوندو. ايران ڪو اهڙو ملڪ نه آهي جيڪو جنگ ڦهلائڻ چاهي ٿو. اسان لبنان ۽ فلسطين ۾ صرف ان شرط تي جنگ بندي چاهيون ٿا ته انهن قومن ۽ انهن جي آبادين جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. حبيب الله زرده اها به نشاندهي ڪئي ته جيڪي ماڻهو سڌي ريت تڪرار ۾ ملوث نه آهن انهن کي ايران خلاف اسرائيل جي حملن يا جارحيت ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ ايران جوابي ڪارروائي ڪندو. ايراني سفير چيو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو ترڪيه جي دوري جو امڪان آهي. جتي هو 3+3 ڏکڻ قفقاز اجلاس جي هڪ ڌُر طور ڳالهين ۾ ش??ڪت ڪندو. هن چيو ته ان فارميٽ جو ٽيون سيشن جنهن ۾ آرمينيا، آذربائيجان، روس، ايران، ترڪيه ۽ جارجيا شامل آهن، ترڪيه ۾ ٿيڻ وارو آهي. ٻطرفي لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهائيندي ايراني سفير چيو ته تهران ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دوري جو منتظر آهي.
اسرائيل جي امڪاني حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو: ايراني سفير
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز