اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس، اس??ائ??ل تي زور ڀريو آهي ته هو لبنان ۾ فوجي ڪ??رروائيون فوري طور تي بند ڪري. پرڏيهي ميڊ??ا مطابق ايليسي صدارتي محل ارب?? ڏينهن هڪ پڌ??ائ?? ۾ ٻڌايو ته فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قرارداد 1901 تي سختي سان عملدرآمد ڪري لبنان جي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتي کي بحال ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هن لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) سان فرانس جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايليسي صدارتي محل چيو ته فرانس ان رخ ۾ ڪم ڪندڙن سان گڏ بيٺل هوندو ۽ ت??ام جلد لبنان جي حمايت ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪندو. پڌ??ائ?? مطابق فرانسيسي صدر هڪ ڊگهي مدي واري حل تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ به ڪيو جيڪو اس??ائ??ل ۽ لبنان وچ ۾ گڏيل قومن جي تيار ڪيل عارضي سرحد بليو لائن جي ٻنهي طرفن جي آبادين جي حفاظت کي يقيني بڻائي.
اسرائيل لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري: فرانس
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ