بيجنگ -13 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي، ته آمريڪا کي يوڪرين جنگ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ۽ ان جو ڌيان پنهنجن جاگرافيائي ۽ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ تي آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين بن گذريل هفتي بريفنگ دوران آمريڪي سي آ??ِ اي جي ڊائريڪٽر وليم برنز جي يوڪرين جي مدد ذريعي ايشيا ۾ چين کي ڪنٽرول ڪر?? جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال ??ي جواب ۾ چيو ته سندس رمارڪس مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا کي يوڪرين جي باري ۾ ڪو به فڪر ناهي، هو يوڪرين جي بحران مان فائدو حاصل ڪندي پنهن??ي جاگرافيائي ۽ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته يوڪرين ??ي جنگ ۾ شدت اچي سگهي ٿي ۽ اها ٻين ملڪن تائين ڦهلجي سگهي ٿي. ترجمان چيو ته چين اميد ??اهر ڪري ٿو ته سموريون لاڳاپيل ڌريون سياسي عمل جو مظاهرو ڪندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، فوري جنگ بندي، اثرائتي ۽ پائيدار يورپي سيڪيورٽي فريم قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون.
آمريڪا يوڪرين جنگ سان پنهنجي جاگرافيائي ۽ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو: چين
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری