رياض – 29 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي ??هد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلم??ن بن عبدالعزيز آل سعود ۽ فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون ٽيليفون تي غزه جي تازي صورتحال، جنگ سبب متاثر علائقي ۾ امداد پهچائڻ ۽ احمر سمنڊ جي سلامتي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. العربيا مطابق فون تي ڳالهائيندي ٻنهي ??ڳواڻن سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپن جو جائزو ورتو. ان کان علاوه گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ??ڳواڻن ڪيترن ئي علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن، احمر سمند جي سلامتي، غزه جي پٽي ۾ جاري جنگ ۽ جنگ سبب متاثر ماڻهن لاءِ امداد جي فراهمي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. فرانسيسي ايوان صدر مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ??ه ٻڻهي ??ڳواڻن غزه ۾ جنگبندي بابت معاهدي تائين پهچڻ جي شديد ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون