جنيوا – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري ۽ بين امدادي ادارن القدس اسپتال کي خا??ي ڪرائڻ واري اس??ائ??لي اعلان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. برطانيه جي خابرو اداري مطابق اتر غزه جي القدس اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ فلسطيني هلال احمر چيو آهي، ته اس??ائ??ل جي فوج کين فوري طور تي اتان نڪري وڃڻ لا??ِ چيو آهي. صحت واري عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريس جو چوڻ هو ته خبر انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. هن ايڪس ت?? هڪ پوسٽ م چيو ته مريضن سان ڀريل اسپتالن کي خا??ي ڪرڻ اتي جي مريضن لا??ِ انتهائي خطرناڪ آهي. انساني حقن جي عالمي قانون تحت صحت عامه جي ادارن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي. انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽيز پاران جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسپتالون مدد ۽ پناهه ٻنهي جو ڪم ڪري رهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات