واشنگٽن_23 آگسٽ(اي پي پي) آمريڪا جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پاران پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخواه جي بٽگرام ضلعي ۾ پاڪ فوج ۽ سولين اهلڪارن پاران چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن ۽ مسافرن کي حفاظت سان ڪڍڻ واري ڪامياب آپريشن جي وسيع پيماني تي ڪوريج ڪئي وئي، آمريڪي ٽي وي نيٽ ورڪس سي اي?? اي??، اي بي سي، اي?? بي سي ۽ سي بي ايس بٽگرام ۾ گهري کاهي مٿان هوا ۾ ڦاٿل چيئر لفٽ جي واقعي جي فوٽيج سان ڪوريج ڪئي جنهن ۾ پاڪ فوج ۽ سولين اهلڪارن جي پيشور مهارتن ذريعي 06 شاگردن ۽ 2 شهرين کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويو، مختلف آمريڪي چينلن جا نمائندا ڪوريج لاءِ موقعي تي موجود هئا، هوڏانهن آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين پڻ ري??سي?? آپريشن جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي پاڪستان کي ملندڙ آمريڪي ڪوريج تي پڻ اطيمنان جو اظهار ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ