واشنگٽن -10 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن موجوده اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت کي صيهوني رياست جي چوٿين وزيراعظم گولڊا مائير کان پوءِ اسرائيل ۾ سڀ کان وڌيڪ انتهاپسند قرار ڏيندي چيو آهي ته فلسطين تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻه رياستي حل ئي صحيح رستو آهي. سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت کي اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي وسندين جي حوالي سان تنقيد جو ن??انو بڻائندي چيو ته هو ان مسئلي جو حصو آهي. آمريڪي صدر خاص طور اسرائيلي ڪابينه جي ميمبرن تي به تنقيد ڪئي جيڪي چون ٿا ته اسان جتي چاهيون آباد ٿي سگهون ٿا. آمريڪي صدر چيو ته يوڪرين هن وقت تائين نيٽو ۾ شا??ل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. ان کان پهرين جو نيٽو اتحاد?? يوڪرين کي پنهنجي صفن ۾ شا??ل ڪرڻ تي غور ڪر?? يوڪرين جنگ کي ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اتحاد ۾ يوڪرين جي ميمبرشپ تي ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو. سندس ملڪ ۽ سندس اتحاد?? يوڪرين کي گهربل ڄاڻ ۽ فوجي سازو سامان فراهم ڪندا ??هن??ا.
نيتن ياهو جي حڪومت گولڊا مائير کان وڌيڪ انتهاپسند آهي: آمريڪي صدر
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس