اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي، 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل ملائيشيا جي پنهنجي هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڪئي جنهن وفد سان گڏ پرڏيهي و??ارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻط??فن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. پرڏيهي و??ير چ??و ته پاڪستان ملائيشيا سان اقتصادي، واپاري، دف??عي، تعليمي، سياحتي ۽ سائنسي شعبن ۾ ٻط??في تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ موقف ۾ هڪ جهڙائي خوش آئنده آهي. پرڏيهي و??ير پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ لاءِ سفري پابندين تي نظرثاني جي ضرورت تي زور ڏنو. ملائيشيا جي پرڏيهي و??ير سيف الدين عبدالله شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل