اسلام ??با?? – 09 آگسٽ (اي پي پي)گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪا??ڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 53 فوتگيون ٿيون جنهن مان 25 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اک??ن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾4 هزار 40 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو، پشاور ۾ 38 سيڪڙو، ملتان ۾ 34 سيڪڙو ۽ اسلام ??با?? ۾ 46 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ ??با?? ۾ 59، ڪراچي ۾ 60 سيڪڙو، حيدر ??با?? ۾ 68 سيڪڙو ۽ اسڪردو ۾ 89 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 625، پنجاب ۾ 19 هزار 506، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 53، اسلام ??با?? ۾ 3 هزار 89، بلوچستان ۾ 1 هزار 47، گلگت بلتستان ۾ 541، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 667 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 46 هزار 404 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 440 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 82 هزار 298 آهي.
ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 53 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ